جيوڻ گهوٽ

جيوڻ گهوٽ: صوفي بزرگ جيوڻ گهوٽ 1920ع ڌاري سکر جي باغ حياتڙي شاهه ۾ کلومل جي گهر جنم ورتو. جيوڻ کي ننڍپڻ ۾ پيءُ پڙهائڻ ويهاريو، پر سندس دل پڙهائي سان ڪا نه لڳي. هو ننڍپڻ کان ئي ويراڳ ۾ ورتل هو، مائٽن ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مختلف اسڪولن ۾ داخل ڪرايائونس، پيءُ جو خيال هو ته کيس پڙهائي ڪنهن ڌنڌي سان لڳائي، پر جيوڻ جي روحاني راهه ڏسي نيٺ کيس پندرهن سالن جي عمر ۾ پيرڳوٺ جي سائين سيئورام ۽ سائين هرچورام جي ٿلهي تي ڇڏي آيو، هو اتي انهن جي خدمت ڪندو هو ۽ ٿلهي جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو هو.
هيءُ ننڍي هوندي ئي سنتن جي سنگ ۾ رهيو، ان ڪري رنڱجي پيو، اڳتي هلي هرچورام جو جانشين بڻيو. وٽس وڏي مڻيا هئي، ورهاڱي وقت الهاس نگر هندستان لڏي ويو.
جيوڻ گهوٽ 29 مئي 1975ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ جيوڻ گهوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو